تربت

تربت

تربت 2

تربت2: تربت، بلوچستان صوبي ۾ مڪران ڊويزن جو هڪ ضلعو ۽ ضلعي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. پاڪستان جي قيام کان اڳ مڪران هڪ آزاد رياست هئي، پر جڏهن مڪران جي رياست پاڪستان ۾ شامل ٿي ته 1954ع ۾ مڪران کي ڊويزن جو درجو ڏنو ويو. 1977ع ۾ بلوچستان جي حڪومت مڪران ڊويزن جا ٽي ضلعا بنايا، يعني ضلعو تربت، ضلعو گوادر ۽ ضلعو پنجگور. ضلعي تربت جي اُتر ۾ ايران، ۽ ضلعو پنجگور اچن ٿا، ڏکڻ ۾ ضلعو گوادر، اوڀر ۾ ضلعو خضدار ۽ اولهه ۾ ايران واقع آهن. تربت ضلعي جي آبادي پنج لک کن ٿيندي. تربت جو تاريخ ۾ نالو ’تربت حيدري‘ آهي. هتي کجور صاف ڪرڻ ۽ دٻن ۾ محفوظ ڪرڻ جو تمام وڏو ڪارخانو آهي، جنهن مان چاڪليٽ ۽ ٻيون ڪيتريون مٺايون به ٺهنديون آهن. تربت شهر جي آبادي لک سوا کن ٿيندي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو